اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زو?? ڏيندي پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??را?? جي وچ ۾ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب ام??را?? (يو اي اي) جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم گڏيل عرب ام??را?? جي حڪومت ۽ عوام جي ان بلند حوصلي، مضبوط ??زم ۽ بي مثال ڪارڪردگي کي ساراهيو جنهن سان هن تازين برساتن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪيو. هن گڏيل عرب ام??را?? جي صدر کي ساراهيو جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي شاندار قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ۽ ام??را??ي عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ به ڪجهه ڏينهن ۾ وڏيون برساتون پيُون آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جا??يو?? ضايع ٿيون آهن. وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زو?? ڏنو ۽ تجويز ڏني ته ٻئي ملڪ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪن. گڏيل عرب ام??را?? جي صدر وزيراعظم جي نيڪ خواهشن کي ساراهيندي پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن ۽ جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم پاران موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي تجويز
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز