رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محم?? اسحاق ڊار ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسيري اتاما حاجي محمد بن حاجي حسن سان عالمي تعاون، ترقي ۽ توانائي جي فروغ جي لاءِ خصوصي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي، ورلڊ اڪنامڪ فورم جو اجلاس 28 ۽ 29 اپريل تي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ٿي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ وسيع تر لاڳاپن ج?? جائزو ورتو ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن ج?? اڳئين دور جو اجلاس هلندڙ سال دوران اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، ڌريون مارڪيٽن ج?? جائزو وٺنديون ۽ ٺوس اقتصادي نتيجن ج?? لاءِ مختلف شعبن ۾ پيش ڪيل موقعن مان ڀرپور فائدو کڻنديون. بيان موجب باقاعدگي سان اعليٰ سطحي رابطا ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي سگهه ڏين ٿا. ان پس منطر ۾ پاڪستان ج?? نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ملائيشيا جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان ج?? دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو. غزه ۾ جاري انساني بحران تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪندي ٻنهي ڌرين فوري طور تي گهيراءُ جي خاتمي ۽ فلسطينين کي فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته فلسطين مسئلي جو پرامن ۽ پائيدار حل ڳو??ڻ جي لاءِ او آءِ سي جي فريم ورڪ جي اندر ويجهي تعاون ج?? پڻ ضرورت آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ