اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ما??گل?? جي جبلن تي لڳل باهه تي وقت سر ضابطو آڻڻ تي سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ آفيسرن جي ڪو??شن کي ساراهيندي چيو آهي ته باهه سان ٻيلن کي پهچندڙ نقصان جو تعين ڪري ان جي بحالي جي لاءِ قدم کنيا وڃن، باهه ۾ زخمي ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي ويٽرنري ڊاڪٽرز هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي، اسلام آباد انتظاميا ۽ موسمياتي تبديلي واري ڪو??رڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي باهه اُجهائڻ جي لاءِ ڪو??شون ساراهه جوڳيون آه??، پاڪ فوج پاران باهه اجهائڻ جي لاءِ هيليڪاپٽرز جي فراهمي تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته باهه اجهائڻ جي آپريشن ۾ وزيراعظم هائوس جا هيليڪاپٽرز، سڪسٿ ايوي ايشن پڻ وزيراعظم جي هدايت تي حصو ورتو. وزيراعظم انهن جي ڪو??شن جي پڻ پذيرائي ڪئي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان باهه سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو، باهه سان ٻيلن کي پهچندڙ نقصان جو تعين ڪري ان جي بحالي جي لاءِ قدم کنيا وڃن، باهه ۾ زخمي ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي ويٽرنري ڊاڪٽرز هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪن.
وزيراعظم پاران مارگلا جي جبلن تي لڳل باهه تي وقت سر ضابطو آڻڻ تي سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ آفيسرن جي ڪوششن جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ