اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته فري لانسرز جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي. ايندڙ بجيٽ ۾ آءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪرنٽ ۽ ڊولپمينٽ ٻنهي محاذن تي نمايان فنڊ رکيا ويا آهن. ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻايو ويندو. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران هن ٻُڌايو ته هن وقت اسان جي آءِ ٽي جي رو??نگي واپار 3.5 رب ڊالر آهي جنهن کي 7 کان 8 ارب ڊالرن تائين وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن لاءِ جيڪا فنانس ٿيڻي هئي اها نه ٿي آهي، ننڍن ڪاروبارن لاءِ بئنڪن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. گذريل ڪجهه هفتن کان اسان جي گورنر اسٽيٽ بئنڪ ۽ پاڪستان بئنڪرز ايسوسيئيشن سان ان حوالي سان ميٽنگون ٿيون آهن، ان ميٽنگز ۾ زراعت، آءِ ٽي ۽ ايس ايم ا??ز لاءِ فنانسنگ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن شعبن لاءِ بجيٽ سبسڊي تحت به رقم رکي وئي آهي. ايس ايم ايز جي فرسٽ لاس جي گارنٽي حڪومت ڏيندي، اهڙيءَ طرح ايڪسپورٽ فنانسنگ جو شعبو هاڻ ايگزم ??ئنڪ کي منتقل ٿي رهيو آهي، جنهن سان ايس ايم ايز کي فائدو پهچندو.
فري لانسرز جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي: محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : sorteios quina