اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان سياسي معاملن بابت آ??ري??ا جي وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پا??ان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آ??ري??ا ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ آ??ري??ا جي وچ ۾ مثبت ۽ لاڀائتن رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. ٻئي طرف آ??ري??ي سفارتخاني پا??ان جاري پڌرائي موجب سياسي معاملن بابت آ??ري??ا جي وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. هن دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت سميت اقتصادي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وقتي انڊر سيڪريٽري آ??ري??ا ۾ افغانين جي آبادڪاري جي سلسلي ۾ مدد جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. وقتي انڊر سيڪريٽري 2025 – 2026ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي نائب وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مدي دوران پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ آ??ري??ا جي دلچسپي جو اظهار ڪيو.
اسحاق ڊار سان سياسي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria