راولپنڊي -28 سيپٽمبر (اي پي پي) آرمي ??يف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ نمايان صلاحيت رکي ٿو ۽ سڀني کي ملڪ جي روشن مستقبل تي اڻ کٽ اعتماد هئڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ڪور جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته بي پناهه وسيلن ۽ صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جو مقدر آهي ??ه هو دنيا ۾ پنهنجو صحيح مقام حاصل ڪري. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق دوري دوران کيس فوج طرفان آپريشنل تيارين ۽ اهم تربيتي قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. آرمي ??يف انوويسٽا انڊس آءِ ٽي پارڪ جو پڻ افتتاح ڪيو جنهن جو مقصد پاڪستان جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي خاص طور مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ اڪيڊمي ۽ انڊسٽري جي سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي. افتتاحي تقريب ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ سول ڪميونٽي جي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي. آرمي ??يف چيو ته اهڙي طرح جي منصوبن جو مقصد ملڪ ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي ترقي کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ انتهائي سا??گار ماحول فراهم ڪرڻ آهي جيڪو پهرين کان ئي تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي. هن ڪراچي جي بزنس ڪميونٽي سان پڻ ڳالهيون ڪيون. هن ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ ڪ??رو??اري برادري ۽ واپارين جي سهڪار کي سا??اهيو. شرڪت ڪندڙن اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ خاص سيڙپڪاري ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي هاڪاري معاشي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪردار جي تعريف ڪئي جيڪ?? وڌيڪ اقتصادي ترقي لاءِ سا??گار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. آرمي ??يف سمورن قدمن جي حمايت ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪوششن کي سا??اهيو ۽ چيو ته معاشري ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪندڙن کي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي اجتماعي ڪوششن سان شڪست ٿي آهي. هن برادر ۽ دوست ملڪن خاص ڪري چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات طرفان پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار فراهم ڪرڻ کي سا??اهيو. ان کان پهرين آرمي ??يف جي اچڻ تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي سندس استقبال ڪيو.
بي پناهه وسيلن ۽ صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي دنيا ۾ پنهنجو صحيح مقام حاصل ڪرڻ پاڪستان جو مقدر آهي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک