اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن ا??با?? چيو آهي ته سمورن منصوبن جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز کي جلد مقرر ڪيو ويندو، منصوبا بندي واري وزارت جي رُڪيل فائلن کي ڪڍيو وڃي ته جيئن ڪنهن ڪم ۾ دير نه ٿئي ۽ رڪيل ڪم کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبا بندي واري وزارت جي رٿائن تي تفصيلي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪيو. اجلاس ۾ پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرام عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي. احسن ا??با?? چيو ته سمورين رٿائن جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز کي جلد مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته وزارت جو عملو صرف پروجيڪٽ ڊائري??ٽر کي عملي جي ڀرتين ۾ سهولتون فراهم ڪن??و. احسن ا??با?? سمورن اسسٽنٽ چيفس ۽ ريسرچ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پرڏيهي ملڪن ۾ اعليٰ يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپس لاءِ اپلاءِ ڪن. وفاقي وزير چيو ته تحقيق ۽ جدت جو عمل رُڪڻ نه گهرجي. رٿابندي واري وزارت آفيسرن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ?? ڀرپور معاونت ۽ وسيلا فراهم ڪن??ي.
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبا بندي واري وزارت جي رٿائن تي تفصيلي جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ