اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آ?? گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جو 23هون اجلاس وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اربع تي هتي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ شروع ٿي ويو، وزيرا??ظم ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ حڪومتي سربراهن جي اچڻ تي سندن شاندار استقبال ڪيو.ا جلاس ۾ شريڪ ميمبر ملڪن جي اڪثر حڪومتي سربراهن ۽ وزيرن گذريل ڏينهن وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد پهتا جڏهن ته چين جو وزيرا??ظم لي چيانگ اڳ ئي سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روس جو وزيرا??ظم ميخائيل مشوستن ۽ ايران جو معدنيا وارو وزير محمد اتابڪ به پاڪستان پهچي ويا آهن. اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جا اڳواڻ ايس سي او جي ميمبر ملڪن وچ ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري تعاون تي ڳالهيون ڪندا ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ ٻين معاملن تي به غور ويچار ڪندا. ڪائونسل آف هيڊز آ?? گورنمينٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي جنهن جي سربراهي پاڪستان وٽ آهي ۽ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف هن وقت ڪائونسل جي چيئر جي عهدي تي مقرر آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس ۾ چين، روس، ڪر??زستان، بيلاروس، تاجڪستان، ترڪمانستان، قازقستان، منگوليا، ڀارت، ايران ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن کان علاوه مبصر ملڪن ۽ ڊائيلاگ پارٽنرز ??رڪت ڪري رهيا آهن. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آ?? گورنمينٽ جي جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ باضابطا اجلاس کان اڳ ميمبر ملڪن جي اڳواڻن جي آجيان ڪئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ڪر??زستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ آڪٽوبر 2023ع ۾ ٿيل اجلاس ۾ سال 24-2023ع لاءِ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي چيئر سنڀالي هئي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف گذريل رات شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وفدن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو جنهن ۾ چين، روس، تاجڪستان، ڪر??زستان، قازقستان، بيلاروس ۽ ترڪمانستان سميت ميمبر ملڪن جي اڳواڻن ۽ نمائندن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ اجلاس ۾ شرڪت تي انهن کي ڀليڪار چيو، ميزبان وزيرا??ظم شريڪ اڳواڻن سان گڏ تصويرون به ڪڍايون. اجلاس ۾ منگوليا مبصر طور ايس سي او سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ ۽ ٻيون اهم شخصيتون به ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آ?? گورنمينٽ جي اجلاس کي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي افتتاحي خطاب کان پوءِ پرڏيهي وفدن جا سربراهه به خطاب ڪندا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جو 23هون اجلاس شروع
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا