!هِنئَڙو ٻيڙِيءَ جان، ڏُتَڙِ پئي ڏينھن ٿيا
اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) ماهيگيري جو عالمي ڏينهن 21 نومبر خميس تي ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ فشريز کاتي سميت ٻين مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي انتظام ??يٺ سيمينار ۽ ٻيا پروگرام ??نعقد ڪيا ويندا جن ۾ ماهيگيري ۽ آبي حيات سان لاڳاپيل م??هر خطاب ڪندا. پاڪستان جي سامونڊي ڪنارن وارن علائقن ۾ سڀ کان قديم پيشو ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو ماهيگيري آهي، پاڪستان ۾ ڪراچي جي سامونڊي مڇيءَ جي روانگي واپار سان وڏو ناڻو ڪمايو ويندو آهي. اڄ 21 نومبر تي ماهيگيري جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ملاحن جي مسئلن سميت ماهيگيري جي صنعت ۽ ان صنعت سان لاڳاپيل م??ئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي حل جي حوالي سان ڪوششن کي هٿي وٺرائڻ آهي، جڏهن ته ماهيگيري جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ ملاح فورم پاران ڄامشورو ۾ المنظر جي ڀرسان درياءَ جي ڪنڌيءَ تي جلسو منعقد ڪيو ويندو. جنهن ۾ شرڪت لاءِ ملاحن سان گڏ سول سوسائٽي سميت سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي دعوت ڏني وئي آهي. المنظر ڀرسان موجُود ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ منعقد ٿيندڙ هن جلسي جي صدارت سنڌ ملاح فو??م جو چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي ڪندو.