اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ۽ پارليامينٽ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن ۽ سندن خود اراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿا، اسرائيل فلسطينين جي ن??ل ڪشي ڪري رهيو آهي. فلسطينين سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سردار اياز صادق فلسطين ۾ جا??ي اسرائيلي جا??حيت جي مذمت ڪئي. سندس چوڻ هوته فلسطين ۾ گذريل سال کان جا??ي اسرائيلي جا??حيت سبب 44 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، شهيدن جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ بزرگن جو وڏو انگ شامل آهي. اسپيڪر چيو ته اسرائيلي جا??حيت دوران هڪ لک فلسطيني زخمي ۽ لکين بي گهر ٿي چڪا آهن، فلسطين ۾ جا??ي اسرائيلي جا??حيت تي عالمي برادري جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي، عالمي برادري فلسطين ۾ جا??ي ن??ل ڪشي ۽ جبري لڏپلاڻ کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي، خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ فلسطين مسئلي جو حل اڻٽر آهي. سردار اياز صادق چيو ته اسرائيلي فوج طرفان ٻارن، عورتن ۽ معصوم شهرين جو قتل عام انتهائي شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. فلسطين مسئلي جو واحد حل 1967ع کان اڳ ??ي سرحدن موجب آزاد فلسطيني رياست جو قيام ۽ بيت المقدس کي ان جو گادي وارو شهر بڻائڻ آهي. هن چيو ته اسرائيلي جا??حيت فلسطيني عوام جي خود اراديت واري حق جي تحريڪ کي دٻائي نٿي سگهي. پاڪستان فلسطيني عوام ??ي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جا??ي رکندو.
پاڪستان جو عوام ۽ پارليامينٽ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال