قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻا ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن کي ملڪي سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن خاص طور تي آءِ ٽي، زراعت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي ??ئي?? شعبن ۾ اقت??اد?? تعاون وڌائڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف تر?? صدر رجب طيب اردوان سان قاهره ۾ 11هين ڊي – 8 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻا ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن. هن صدر اردوان جي قيادت ۾ تر??يه جي مثالي ترقي کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي ملڪي سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن خاص طور تي آءِ ٽي، زراعت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي ??ئي?? شعبن ۾ اقت??اد?? تعاون وڌائڻ گهرجي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تر??يه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ 5 بلين آمريڪي ڊالر جي ٻطرفي واپاري هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اقت??اد?? لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن اقت??اد??، واپاري ۽ دفاعي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن قومي مفاد جي بنيادي مسئلن تي هڪ ٻئي جي حماي?? جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ تر??يه جي حمايت ۽ قبرص جي مسئلي تي تر??يه جي موقف جي لاءِ پاڪستان جي حمايت شامل آهي. معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيلي نسل ڪشيءَ جي قدمن خاص طور تي 7 آڪٽوبر 2023ع کان بگڙجندڙ صورتحال جي مذمت ڪندي ٻنهي اڳواڻن فلسطيني عوام جي لاءِ پنهنجي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن وچ اوڀر ۽ شام جي تازه ترين صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر اردوان چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه جا لاڳاپا قديم ثقافتي ۽ مذهبي قدرن تي ٻڌل آهن ۽ تر??يه جي عوام پاڪستان جي لاءِ پنهنجي دلين ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر اردوان علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ نمايان بهتري کي ساراهيو. هن فلسطين ۽ لبنان جي لاءِ خاطرخواهه انساني امداد موڪلڻ تي پاڪستان کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر اردوان کي اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ستين اجلاس جي گڏيل صدار?? جي لاءِ جلد کان جلد پاڪستان جي دوري جي دعو?? جي تجديد ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.
وزيراعظم جي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات، پاڪستان ۽ تُرڪي کي تعاون وڌائڻ گهرجي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ