اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين، انساني ترقي ۽ وسيلن بابت وفاقي وزير چوڌري س??لڪ حسين سان صحت ۽ مهارتن جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار لاءِ چيني وفد ملاقات ڪئي. ڪالهه سمنڊ پار پاڪستانين ??ار?? وزارت ۾ان جاري پريس رليز موجب او پي ايڇ هيلٿ ڪيئر پروجيڪٽ جي س??براهه اسڪارليٽ جي اڳواڻيءَ ۾ چيني وفد گاريا گروپ طرفان هڪ جامع تجويز پيش ڪئي جيڪا بنيادي صحت جي س??رسنڀال ۾ ڊجيٽل شين ۽ خدمتن لاءِ مربوط حل فراهم ڪندڙ هڪ مشهور ادارو آهي. ڄاڻايل پراجيڪٽ آرٽيفيشل انٽيليجنس تي ٻَڌل اسٽريٽجڪ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ذريعي ڏورانهن علائقن ۽ غريب ڪميونٽين کي صحت جي س??تي س??رسنڀال فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جنهن سان علاج جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ صحيح سُڃاڻپ ممڪن ٿيندي. ان پراجيڪٽ جي هڪ قابل ذڪر خاصيت هڪ پورٽيبل سُڃاڻپ ??ار?? مشين جو تعارف آهي جيڪو 7 کان 8 قسمن جي بيمارين جي سُڃاڻپ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو جنهن س??ن چُرپُر جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. ان کان علاوه پراجيڪٽ جو ڊجيٽل پليٽ فارم مريضن، ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽورن وچ ۾ رابطن کي ممڪن بڻائيندو. رپورٽون سڌيءَ ريت پينل تي موجود ڊاڪٽرن سان شيئر ڪيون وينديون ۽ دوائن بابت ميڊيڪل اسٽورن سان شيئر ڪيون وينديون جنهن سان مريضن کي دوائن جي سڌيءَ ريت فراهمي ۾ سهولت ٿيندي. وفد سرٽيفڪيشن جي ٽن درجن بابت به آگاهه ڪيو جنهن ۾ هواوي س??ٽيفائيڊ آءِ سي ٽي ايسوسيئيٽ (ايڇ سي آءِ اي) 2 هفتن جو ڪورس، هواوي س??ٽيفائيڊ آءِ سي ٽي پروفيشنل (ايڇ سي آءِ پي) هڪ مهيني جو ڪور ۽ هواووي س??ٽيفائيڊ آءِ سي ٽي ايڪسپرٽ (ايڇ سي آءِ اي) 6 مهينن جا ڪورس شامل آهن. وفاقي وزير ان منصوبي کي چين جي تعليم ??ار?? وزارت طرفان هڪ اهم سيڙپڪاري طور تي تسليم ڪيو. اها ملاقات او پي ايڇ ۽ صحت ??ار?? وزارت وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) ذريعي ڀائي??ار?? کي باضابطه بڻائڻ لاءِ اتفاق راءِ تي پڄاڻي ٿي. وفاقي وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اهڙيءَ طرح جون ڀائي??ار??ون پاڪستانين جي هنرمندي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اهڙيءَ طرح عالمي ملازمتن جي مارڪيٽ ۾ ان جي مسابقت ۾ واڌ ٿئي ٿي.
وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان صحت ۽ مهارتن جي قدمن کي هٿي ڏيڻ لاءِ چيني وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار