اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي ??زير راڻا تنوير حسين سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي تع??ون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ (ايس ايس ايف) تحت حصيداري جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ زرعي واپار ۽ ٽي??نالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي ??زير پاڪستان جي اعليٰ معيار جي زرعي مصنوعات، جهڙوڪ چانور، ڪڻڪ، انب ۽ خشڪ ميوي جي فراهمي جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو. هن ترڪيه کي ان مصنوعات جي روانگي واپار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ملاقات دوران زرعي تع??ون ۽ ٽي??نالاجي جي منتقلي ۾ اضافو، ترڪيه لاءِ چانور، ڪڻڪ، انب جي مصنوعات جهڙي معياري شين جي روانگي واپار وڌائڻ، زرعي ميڪانائزيشن، آبي زراعت ۽ جديد آبپاشي نظام جا گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جي منصوبن سميت عالمي (صحت ۽ نباتاتي معيار) معيار تي عملدرآمد جي ذريعي واپاري لاڳاپا مضبوط بنائڻ تي زور ڀريو ويو. وفاقي ??زير چيو ته پاڪستان ۾ زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ۾ ترڪيه جي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهيون، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن زرعي پيداوار ۽ واپار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ عملي منصوبو تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترڪيه جي سفير پاڪستان جي اعليٰ معيار جي زرعي مصنوعات کي ساراهيندي زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. وفاقي ??زير راڻا تنوير حسين پاڪستان جي زرعي شعبي جي مڪمل صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ترڪيه سان ڊگهي مدي واري حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن لاءِ معاشي موقعا پيدا ٿيندا.
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان ترڪيه جي سفير جي ملاقات، زرعي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados