اسلام آ??اد-08 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ فوجي عد??لتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت درخواستن جي ٻُڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪندي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل کي فوجي عد??لتن جي حوالي سان انٽرنيشنل پريڪٽسز بابت آگاهه ڪر?? جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 7 رڪني آئيني بينچ ڪالهه فوجي عد??لتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت درخواستن جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمدعلي مظهر ۽ جسٽس شاهد حسن بلال شامل آهن. ٻُڌڻيءَ جي شروعات تي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل فوجي عد??لت ۾ شهرين جي ڪيسن جي ٻُڌڻي بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهي ٻُڌايو. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته موجوده ڪيس ۾ 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه جا ملزم فوجي ناهن، کين شهري چئي سگهجي ٿو، ڇا انهن تي آرمي ايڪٽ تحت ڪيس هلائي سگهجي ٿو؟ جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان جو آئين معطل ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته قانونسازيءَ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. چيو وڃي ٿو ته پارليامينٽ سپريم آهي پر بالادستي آئين جي آهي. عد??لت درخواست جي ٻُڌڻي صبح 9 جنوري تائين ملتوي ڪندي وڪيل کي چيو ته ??و عدالت کي فوجي عد??لت بابت انٽرنيشنل پريڪٽسز تي بريفنگ ڏي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت درخواستن جي ٻُڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ