ابوظهبي -18 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب ام??رتن جي صدر شيخ محمد بن زيد سان ابوظهبي ۾ آمريڪي چيرٽي ورلڊ سينٽرل ڪچن (ڊبليو سي ڪي) جي سي اي او ايران گور ملاقات ڪئي. ميڊيا مطابق ملاقات ۾ ام??رات جي وڏن ادارن ۽ ورلڊ سينٽرل ڪچن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون جن جو مقصد غزه ۾ جاري انساني تباهي وچ ۾ ام??اد جي فراهمي بهتر بڻائڻ آهي. ان کان علاوه ورلڊ سينٽرل ڪچن جي انتظام هيٺ هڪ سامونڊي جهاز جنهن ۾ 200 ٽن خوراڪ ۽ ٻيون ضرورت جون سموريون شيون قبرص کان هڪ نئين ام??ادي راهداري جي ٽيسٽ طور غزه موڪليون ويون آهن جتي لاڳيتو اسرائيلي فوجي ڪارروائين ۽ ناڪابندي جي پنجن مهينن کان پوءِ ڏڪار جي صورتحال آهي.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر