برسلز-29 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت نمائندي جوزف بوريل چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان پنهنجي انسانيت وڃائي و??ٺا آهيون. عرب نيوز موجب هن چيو ته اسان هڪ وڏي باهه جي ڪناري تي زندگي گذاري رهيا آهيون، جيستائين غزه ۽ لبنان ۾ جنگ جاري رهندي اسان هڪ چڻنگ جي ڪناري تي ئي رهنداسين، جيڪا هڪ وڏي باهه جو سبب بڻجندي. هن چيو ته جيئن ته گڏيل قومن پاران نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ شديد ۽ سن??ين ترين انساني بحران غزه ۾ آيو آهي. وچ اوڀر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته اسان انسانيت وڃائي و??ٺا آهيون. يورپي يونين جي نمائندي نوٽ ڪيو ته هر ڪنهن کي اهو خدشو آهي ته اسرائيل ايران جي ايٽمي يا تيل ٺڪاڻن تي حملو ڪندو. هن وچ اوڀر ۾ ويڙهه کي روڪڻ لاءِ مجبوري قدم لاڳو ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته يورپي يونين جو هر ملڪ اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ بابت پنهنجو ف??صل?? پاڻ ڪندو. اهو ڪو گڏيل ف??صل?? نه هوندو. هر ملڪ ڪنهن شيءِ جي مناسب هجڻ جو ف??صل?? ڪندوآهي ۽ مان ان کي ڪو به ڪم ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهان ۽ نه ڪجهه ڪرڻ جي سفارش ڪري سگهان ٿو. اسپين، اٽلي يا فرانس هٿيارن جو وڪرو ملتوي ڪرڻ جو ف??صل?? ڪيو آهي. پر ٻين ملڪن جرمني جي مثال وانگر عسڪري امداد کي تقويت ڏئي رهيا آهن، مطلب اتي ڪو به گڏيل لائحه عمل ناهي.
غزه ۽ لبنان ۾ جاري جنگ هڪ وڏي باهه جو سبب بڻجندي: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون