گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي)گڏيل قومن اسرائيل جي يمن جي شهر صنعا تي حملي کي ڳڻتي جوڳو ۽ حوثين سان وڌندڙ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا م??جب اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش هڪ بيان ۾ چئي ??هي. هن چيو ته اسرائيل ۽ يمن جي حوثين وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ صنعا جي عالمي هوائي ??ڏي احمر سمنڊ جي بندرگاهن ۽ يمن جي پاور اسٽيشنن تي اسرائيلي هوائي ??ملو ڳڻتي جوڳو آهي. پرڏيهي ميڊيا م??جب خميس ڏينهن اسرائيل جي صنعا ايئرپورٽ تي حملن دوران صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جو اڳواڻ ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريس اتي موجود هيو جڏهن ته هو ان حملي ۾ ذري تان بچي ويو ان کان پوِ هن چيو ته ايئرپورٽ تي حملي ۾ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان ٿيو پر هو محفوظ رهيا. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ?? صحت جي عالمي اداري جي اڳواڻ لکيو آهي ته اسان جي جهاز جي عملي جو هڪ فرد زخمي پڻ ٿيو آهي.
اسرائيل پاران يمن جي شهر صنعا تي حملو مذمت جوڳو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria