اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ب??لاروس ائٽمي توانائي جي شعبي ۾ تعاون ڪرڻ ۽ ڪنهن ٽئين ملڪ جي شموليت سان ٽه ڌريي واپاري نظام جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو وزيراعظم ه??ئوس ۾ ملاقات کانپوءِ وزيراعظم نواز شر??ف سان گڏجي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بيلاروس ۽ پاڪستان پرامن ذريعن جي لاءِ ائٽمي توانائي جي ميدان ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ڪنهن ٽئين ملڪ کي شامل ڪري پنهنجي واپاري حيثيت کي سگهه ڏئي سگهن ٿا. هن وزيراعظم محمد نواز شر??ف سان پنهنجي ڳالهين کي انتهائي تعميري قرار ڏيندي چيو ته اهي ڳالهيون گذريل سال پاڪستان جي سندس د??ري دوران رکيل دوستي جي بنياد کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي مرڪوز رهيون. هن چيو ته بيلاروس پاڪستان کي پنهنجي هڪ پاڙيسري ملڪ سان گڏوگڏ لاڳاپن ۾ درپيش مشڪل وقت کان آگاهه آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال جي حوالي سان هن چيو ته ڊيئر شريف توهان بيلاروس جي موقف کان آگاهه آهيو جيئن ته هو مسئلي جو پرامن حل جو خواهشمند آهي.
وزيراعظم ۽ بيلاروس جي صدر جو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز