??وگ?? (تاجڪستان) – 06 جولاءِ (اي ??ي پي) پاڪستان، افغانستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي اڳواڻن جو چ??ر ملڪي سربراهه اجلاس ٿيو جنهن ۾ 1.2 ارب ڊالر لاڳت جي ڪاسا 1000 بجلي جي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ اڳواڻن ان منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جو عزم ظاهر ڪيو. اهو چ??ر ملڪي منصوبو 2018ع تائين ٻن وچ ايشيائي رياستن سان پاڪستان ۽ افغانستان کي 1300 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪندو. وزيراعظم محمد نواز شريف کانسواءِ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف، افغان صدر اشرف غني ۽ ڪرغزستان جي وزيراعظم سوران بي جين بيڪوف ڪاسا 1000 چار ملڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. انهن اڳواڻن ج?? اجلاس گادي واري شهر دوشنبي کان 36 ڪلوميٽر پري پهاڙي سياحتي ماڳ ??وگ?? ۾ ٿيو جنهن ۾ ان اهم منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن سان پاڻي وسيلن ذريعي صاف سٿري ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی