اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سمورين افواهن جي باوجود پا??ستان ۾ وقت تي ??ين??ٽ چونڊون ۽ عام چونڊون ٿينديون، ملڪ ۾ جمهوريت ائين ئي مستحڪم ر??ند??، هي ڀلي ڪجهه به ڪن، انتشار پکيڙيندڙ قوتن کي عوام ڪڏهن معاف نه ڪندي. احتساب عدالت ٻاهران صحافين ??ان ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته پورو پا??ستان اهو ڄاڻي ٿو ته اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا آهن ته هڪ جي پٺيان ٻيو ۽ ٻئي جي پٺيان ٽيون واقعو ٿئي ٿو، هو اها ڳالهه ذهن مان ڪڍي ڇڏين ته اهڙي طرح انتشار پکيڙي هو ڪنهن طرح يا ڪنهن شيءَ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا. اهڙي طرح جو ڪو قدم پا??ستان جي عوام ٿيڻ نه ڏيندي نه ان کي معاف ڪندي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ