اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمرا?? خان جي واضح هدايتن تي سياسي وابستگين کان ??ٿانهون ٿي پاڪستان سٽيزن پورٽل، ڪامياب جوان ??روگرام جهڙن قدمن ذريع?? معاشري جي هر طبقي کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون، عوامي خدمت جي انهن قدمن سان حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلا ختم ٿي ويا آهن، شهري گهر ويٺي پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائين ٿا، جيڪي وزيراعظم آفيس مان ??اڳاپيل ادارن ڏانهن وڃن ٿيون، ڪامياب جوان ??روگرام ۽ سٽيزن پورٽل جهڙن عوامي خدمتن جا منصوبا ڪاميابي سان جاري آهن. هو وزيراعظم آفيس ۾ پاڪستان سٽيزن پورٽل جي هيلپ لائين جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪر?? رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بٽڻ دٻائي پاڪستان سٽيزن پورٽل جي هيلپ لائين 9000111 – 051 جو باقاعده افتتاح ڪيو. پاڪستان سٽيزن پورٽل جي عملدارن وزيراعظم کي هيستائين پورٽل تي رجسٽرڊ ٿيندڙ ماڻهن جي انگ، شڪايتن ۽ ازالي بابت معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪر?? رهي آهي، جنهن جي ڪر?? لکين ماڻهن ان ??ورٽل ذريعي پنهنجون شڪايتون داخل ڪيون آهن، ان تي سٽيزن پورٽل جي ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمرا?? خان جي خواهش آهي ته عوام پاران حڪومتي ادارن جي حوالي سان شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، جيڪي ماڻهو معاشي سببن يا مختلف رڪاوٽن جي ڪر?? ادارن ۾ وڃي شڪايتون داخل نه ٿا ڪرائي سگهن، انهن جي لاءِ هي بهترين فورم آهي ته گهر ويٺي شڪايتون ڪر?? سگهجن.
اطلاعات واري وزير شبلي فراز پاران پاڪستان سٽيزن پورٽل هيلپ لائين جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ