اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري جو هڪ سبب ??يرقانوني اثاثا ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪرڻ آهي، نواز شريف به اهڙي طرح غيرقانوني اثاثن جي ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو هو، ماضي ۾ صحت جي بنياد تي نواز شريف کي ضمانت ڏيندڙ عدالتون تمام س??يو?? هيون ۽ ??يڪ?? عدالتون خلاف فيصلو ڏين انهن بابت ڳٺ جوڙ جو تاثر ڏنو وڃي ٿو، اهو توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو، نواز شريف ۽ شهباز شريف اڄ تائين هڪ سوال جو جواب ناهي ڏنو. هو پي آءِ ڊي ۾ گهرو احتساب ۽ معاملن واري صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪ??ر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی