غازي بروٿا – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته حڪوم?? آبادگارن جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن سميت عوام کي سستي شمسي توانائي فراهم ڪئي ويندي، حڪوم??ي قدمن جا ثمر جلد آبادگارن تائين پهچندا. آبادگارن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جعلي زرعي د??ائ?? وارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪنداسين. هن چيو ته محن?? آبادگار ڪندو آهي ۽ فائدو مڊل مين کڻندو آهي. اسان مڊل مين جي ڪردار ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته آبادگارن کي جهڙي اگهه تي جنسون ورتيون وينديون آهن ان کان ڪيتري ئي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته اسان زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ آبادگار طبقي جي مدد لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، آبادگارن کي آسان قسطن ??ي قرض جي فراهمي جو جائزو ورتو پيو وڃي، هن چيو ته ٽيوب ويل کي سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ان سان آبادگارن کي سستي بجلي دستياب ٿيندي.
حڪومت آبادگارن جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی