اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ سعودي عرب اقتصادي سيڙپڪاري، ثقافتي ۽ سفارتڪاري سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ، ٻه طرفي ناتن جي استحڪام لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل ۽ پاڪ سعودي پرڏيهي ??زا??تن ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي عرب ۽ پا??ست??ن جي گڏيل ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي- پا??ست??ن اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. پاڪ سعودي پرڏيهي ??زا??ت وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين بعد سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو ته اسان جا سعود ي عرب سان پراڻا ۽ تاريخي ناتا آهن، هن چيو ته اسان جون ٻه طرفن وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، اسان اقتصادي رابطن کي هٿي وٺائڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي خاص طور تي ڳالهيون ڪيون. شاه محمود قريشي چيو ته سعودي عرب ۽ پا??ست??ن وچ ۾ ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي- پا??ست??ن اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن هتي پا??ست??ن ۽ سعودي عرب وچ ۾ سپريم ڪو آرڊينيشن ڪائونسل جي جوڙجڪ تي ڳالهيون ٿيون. سپريم ڪائونسل جي ڪم جي طريقيڪار تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ا?? حوالي سان ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي ??زا??ت جي آفيس ۾ ڌار ڌار فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويندا ته جيئن هڪٻئي جي ناتن کي ڏسڻ لاءِ ڍانچي جي سطح تي راهه هموار ٿي سگهي. شاه محمود قريشي چيو ته ٻئي ملڪ ميڊيا، ا??فارميشن، راندين ۽ ثقافتي شعبن ۾ به ناتن کي اڳيان وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته ويزن 2030ع تبديلي جو مظهر آهي، اسان تهذيبي رابطن کي هٿي وٺرائڻ چاهيون ٿا. نئين قيادت جي ويزن 2030ع تحت سعودي عرب تبديلي طرف ڏسي رهيو آهي ۽ ان شعبي ۾ ماضي ۾ ڪم ئي ناهي ٿيو. اسان ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته لکين پا??ست??ني سعودي عرب ۾ ترسيل آهن، جيڪي اتي پا??ست??ني فلمن جي نمائش ڏسڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجي پسنديده گلوڪارن جي پرفارمنس مان لطف اندوز ٿيڻ چاهين ٿا. هي اهو شعبو آهي جنهن تي اسان ماضي ۾ ڪو به ڌيان ناهي ڏنو. هن چيو ته اسان مذهبي ناتن سان گڏوگڏ ثقافتي ناتن کي هٿي وٺرائڻ جا خواهشمند آهيون. موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته گرين سعودي عرب ۽ گرين مڊل ايسٽ ۽ وزيراعظم عمران خان جي سوچ ڪلين گرين پا??ست??ن پاڻ ۾ هڪجهڙائي رکن ٿا. ماحولياتي ۽ موسمياتي شعبن ۾ سهڪار اڳيان وڌائي رهيا آهيون. هن چيو ته مون سعودي پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ڪشمير جي صورتحا?? کان آگاهه ڪيو ۽ ڪشمير مسئلي تي سعودي عرب جي حمايت تي سندس ٿورا مڃيا. اسان افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو. اسان ٻنهي جي افغانستان جي حوالي سان سوچ ۾ هڪجهڙائي نظر آئي. شاه محمود قريشي چيو ته ويڪسينيشن ۽ سفري مشڪلاتن جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيون، ا??ي پا??ست??ني شاگرد جيڪي سعودي عرب ۾ تعليم پرائڻ جي انتظار ۾ آهن، ا??هن جي سهولت ۾ سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. شاه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان هميشه پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ست??نين جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. هن چيو ته سي پيڪ رٿائن خاص طور تي اقتصادي زونز ۾ سعودي عرب جي ڪاروباري ڪمپنين لاءِ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن ۽ ان حوالي سان سعودي پرڏيهي وزير کي آگاه ڪيو آهي. ان موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود چيو ته پاڪ سعودي ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار، ڀائراڻا ناتا قائم آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطح تي ڳالهين کي هٿي وٺرائي ويندي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب ۾ لکين پا??ست??ني ترسيل آهن، جيڪي سعودي عرب جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته خطي جي سلامتي انتهائي عزيز آهي ۽ ان سلامتي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکيو ويندو.
پاڪستان ۽ سعودي عرب طرفان پرڏيهي وزارت ۾ فوڪل پرسنز مقرر ڪرڻ تي اتفاق، اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو: پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي جي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان گڏ پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس