مظفر آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته کيس مڪمل يقين آهي ته سندس زندگي ۾ ڪشمير ڀارتي قبضي کان ??زا?? ٿيندو ۽ پاڪستان کي عروج حاصل ٿيندو، دنيا ڪيستائين واپاري ۽ معاشي مفادن جي ڪري ظلمن کان بي خبر رهندي، ??الاڪوٽ حملي کانپوءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج منهن ٽوڙ جواب ڏنو، دنيا جي ڪا طاقت ڪشميرين کي انهن جي ??زا??ي کان محروم نه ٿي رکي سگهي، ??نيا ??زا?? ڪشمير جي پرامن فضا ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ڀيٽ ڪري، ??الاڪوٽ حملي ۽ ايف 16 جهاز ڪيرائڻ جي ڀارتي ڪوڙ کي دنيا بي نقاب ڪيو. هو يادگار شهداءِ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ??زا?? ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي پڻ خطاب ڪيو. صدر کي ان موقعي تي يادگار جي ڀرپاسي والاريل ڪشمير جي حالتن جي عڪاسي ڪندڙ گيلري بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. صدر يادگار شهداءِ تي گل چاڙهيا ۽ فاتحه خواني ڪئي، ??ن موقعي تي خطاب ڪندي هن چ??و ته اڄ جي ڏينهن اسان دنيا کي ڀارتي ظلمن کان آگاهه ڪريون ٿا. هي ڊگهي جدوجهد جو داستان آهي. 1846ع ۾ امرتسر معاهدي تحت 75 لک نانڪ شاهي جي عيوض ڪشميرين جو سودو ڪيو ويو. هتي ڪشميري اڄ به ??زا??ي جي جدوجهد ۾ لڳل آهن. هن چ??و ته ننڍي کنڊ ۾ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي جدا ملڪ قائم ڪرڻ جي جدوجهد کان اڳ قائداعظم سميت مسلمان اڳواڻ متحده هندستان جي حق ۾ هئا پر اتان جون حالتون ڏسڻ کانپوءِ 1930ع کانپوءِ ٻه قومي نظريي جو پرچار شروع ٿيو. به قومي نظريي کي هندستان اڄ به روزانو چئلينج ڪري ٿو ۽ ان جي سچائي تي پنهنجي ڪڌن قدمن سان مهر لڳائي ٿو. ڪرناٽڪ ۾ مسلمان شاگردياڻين کي حجاب لاهڻ تي مجبور ڪيو ويو. صدر چ??و ته ڀارت جيڪا باهه لڳائي رهيو آهي هو پاڻ ان ۾ سڙي ويندو ۽ ان جو نشان به باقي نه رهندو. هن چ??و ته پاڪستان جي تاريخ تيستائين اڻ مڪمل آهي جيستائين ڪشمير ??زا?? نه ٿو ٿئي.
مڪمل يقين آهي ته منهنجي زندگي ۾ ڪشمير ڀارتي قبضي کان آزاد ٿيندو: صدر
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria