پارلياماني معاملن واري وزارت پاران 15 هين قومي اسيمبلي جي تحليل جو نوٽيفڪيشن جاري


اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وزارت 15 هين قومي اسيمبلي جي تحليل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. پارلياماني معاملن واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن ۾ آئين جي آرٽيڪل 58 جي ذيلي شق هڪ جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي قومي اسيمبلي تحليل ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف ڪابينا ڊويزن 33 وفاقي وزيرن، 7 مملڪتي وزيرن، وزيراعظم جي 5 ايڊوائيزرن ۽ 38 خصوصي صلاحڪارن جا عهدا ڇڏيندڙن جا ٽي جدا جدا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن.

متعلقہ مضامین