سيئول – 14 مارچ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۾ سامونڊي ڪناري ويجهو مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ هڪ گم ٿي ويو. شنهوا ڏکڻ ڪوريا جي يونهاپ نيوز اي??نسي جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن 139 ٽن وزني ٽرالر گادي واري شهر کان اٽڪل 330 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ٽونگيونگ شهر جي هڪ ٻيٽ ۾ ٻڏي ويو. جنهن ۾ عملي ??ا 11 ڪارڪن سوار هئا جن ۾ 4 ڏکڻ ڪوريائي، 6 انڊونيشيا ۽ هڪ جو تعلق ويتنام سان هو. ڪوسٽ گارڊ واقعي جو اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ عملي جي 10 ڪارڪنن کي ڪوسٽ گارڊ ۽ ويجهن ٻيڙين بچائي ورتو پر هڪ ڪپتان سميت 3 ڏکڻ ڪوريائي ??هرين کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪ??و ويو جتي هو اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا جو هڪ ملاح گم ٿي ويو. گم ٿيل شخص جي ڳولا لاءِ ڪاروائيون جاري آهن جنهن ۾ 16 ٻيڙيون، ٻه بحريا جا جهاز ۽ ٽي هوائي ??هاز حصو وٺي رهيا آهن.
ڏکڻ ڪوريا ۾ مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار، هڪ گم
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores