گڏيل قومون-28 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي حوالي سان فنڊ (يونيسيف) ??يو آهي ته اسرائيل 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين غزه ۾ 212 اسڪولن کي سڌو سنئون حملن جو نشانو بڻايو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 53 مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن. يونيسيف جي سهڪار سان اين يج او ايجوڪيشن ڪلسٽر ۽ سيو دي چلڊرين جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ شايع سيٽلائيٽ تصويرن موجب 7 آڪٽوبر 2023ع تي تڪرار شروع ٿيڻ کانپوءِ گه?? ۾ گه?? 53 اسڪول مڪمل طور تي تباهه ٿيڻ جي نشاندهي ڪ??ي وئي آهي، فيبروري جي وچ ڌاري اسڪولن جي اڱڻن تي حملن ۾ تقريبن 9 سيڪڙو اضافو ٿيو. رپورٽ لکندڙن ??يو ته اسڪولن جي ملڪيتن تي حملن جي شديد رجحان غزه ۾ پهرين ئي سنگين انساني صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي، ??يو ويو آهي ته غزه ۾ 563 اسڪولن مان 212 کي اسرائيلي فوج سڌو سنئون حملن جو نشانو بڻايو، انهن مان 165 اسڪول اهڙا هئا جيڪي اسرائيلي فوج پاڻ واپسي لاءِ مختص ڪيو هو. رپورٽ ۾ ??يو ويو ته هي تڪرار ختم ٿيڻ کانپوءِ غزه ۾ گه?? ۾ گه?? 67 سيڪڙو اسڪولن کي ٻيهر فعال ڪرڻ لاءِ مڪمل نئين سر تعمير ج?? ضرورت هوندي.
اسرائيل غزه ۾ هن وقت تائين 212 اسڪولن کي سڌو سنئون حملن جو نشانو بڻائي چڪو، 53 مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا