ولاريل بيت المقدس-19اپريل(اي پي پي)انساني حقن بابت فلسطيني ڪميٽي انڪشاف ڪيو آهي ته غزه ۾ 13 هزار 902 ما??هو هيپاٽ??ئٽ?? اي جو شڪار ٿي چڪا آهن.ڪميٽي موجب محدود ايراضي تي غير معمولي آبادي صفائي جي گهٽتائي،مناسب رهائش جي اڻهوند ۽ صحت جي حوالي سان ناڪافي ضرورتن سبب هيپاٽ??ئٽ?? جو شڪار ڪي??رائي ما??هو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن.اسرائيلي بمباري کان بچي ويل 1.7 ملين ما??هو انتهائي گهٽ ايراضي تي قائم پناه گاهن ۾ ڦاٿل آهن جٿي زندگي جون بنيادي ضرورتون نه هجڻ جي برابر آهن.17 آڪٽوبر کان وٺي هن وقت تائين غزه جون 65 سيڪڙو عمارتون تباه ٿي چڪيون آهن. ٻئي پاسي فلسطين جي صحت واري وزارت چيو آهي ته صحت سان لڳاپيل ادارن ۾ دورائن جي کوٽ سبب ٽي لک 50 هزار مريض مسئلن جو شڪار آهن،انهن ۾ اهڙا مريض به شامل آهن جن کي ڪينسر آهي ۽ انهن جي علاج لاءِ دوائون نه آهن.
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena