ماسڪو – 18 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي پارليامينٽ هڪ بل جي ??نظ??ري ڏني آهي جنهن تحت عدالتن کي روس جي ح??ومت طرفان دهشتگرد تنظيمن طور نامزد گروپن تي پابنديون معطل ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي، جنهن سان روس لاءِ افغان طالبان ۽ امڪاني طور شام جي نئين قيادت سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي راهه هموار ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان ڊوما گذريل ڏينهن جنهن بل جي ??نظ??ري ڏني آهي ان ۾ دهشتگرد قرار ڏنل گروپن کي قانوني طور تي ان فهرست مان ڪڍڻ واري طريقيڪار جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. ا??ڙي طريقي جي روشني ۾ طالبان سان لاڳاپيل مستقبل جي متوقع فيصلي لاءِ ضروري قانوني فريم ورڪ تيار ڪيو ويندو. روس جي مٿين ايوان جي فيڊريشن ڪائونسل جمعي ڏينهن ان بل تي غور ڪندي جنهن کانپوءِ اهو مسودو روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي ??نظ??ري سان قانون بڻجي ويندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ