دوشنبي – 05 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪندي علائقائي رابطن، واپار ۽ توانائي تي ڌيان ڏيندي معيشت، دفاع ۽ سلامتي، زراعت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا نوان موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم مح??د نواز شريف جيڪو ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تاجڪستان جي گادي واري شهر ۾ آهي، هن تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان گڏ ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ علائقائي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ٻنهي طر??ن کان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ حڪومتي ۽ علائقائي سطح تي تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ??يڻ تي ز??ر ڏنو.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن