اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير ??ري?? اورنگزيب چيو آهي ته 256 صفحن تي ٻڌل جي آءِ ٽي رپورٽ پاڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته نواز شريف جي پنجن حڪومتي دورن ۾ رياست جي هڪ پئسي جي ڪرپشن، گهپلو ۽ ڪميشن نه ورتي وئي. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ايم اين اي دانيال عزيز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. مملڪتي وزير ??ري?? اورنگزيب چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ کا??پو??ِ اهو گوڙ ٿي رهيو آهي ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏي ۽ اهو تاثر ڏي?? جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته شايد اهو عوام جو آواز ۽ خواهش آهي، ??قيقت ته اه?? آهي ته هن ملڪ جي عوام نواز شريف سان گڏ آهي ۽ محمد نواز شريف به عوام جو آواز آهي، ??لله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ۽ عوام جي ڪري وزيراعظم محمد نواز شريف ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش