اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته شريف فيملي ط??فان جمع ڪرايل قطري خط، ٽرسٽ ڊيڊ ۽ گلف اسٽيل جي مشينري منتقلي بابت ثبوتن جي تصديق ۽ ل??ڳا????ل فرم سان رابطو ئي نه ڪيو ويو، جي آءِ ٽي ڪيس ۾ شريف فيملي جي انهن ٽنهي دستاويزن کي ث??وت طور شامل ئي نه ڪيو ويو. هو احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته گذريل ٽن ڏينهن اندر واجد ضياءُ جيڪي بيان رڪارڊ ڪرايا آهن ان تي شريف فيملي جي وڪيل خواجه حارث جرح ڪري رهيو آهي ان ۾ هي واضح ٿي چڪو آهي ته شريف فيملي ط??فان مني ٽريل سان پيش ڪيل قطري خط، ٽرسٽ ڊيڊ ۽ گلف اسٽيل جي مشينري منتقلي جي دستاويزن تي ڪنهن قسم جو ايم ايل اي جمع ناهي ڪرايو ويو، هن چيو ته هي ٽهي مرڪزي ث??وت هئا انهن ٽنهي کي پاڻ ئي سمجهيو ويو ته هي جعلي آهن، انهن جي ڪا تصديق نه ڪئي وئي.
شريف فيملي طرفان جمع ڪرايل ثبوتن جي تصديق نه ڪرائي وئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ