اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملا، شماريات ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪم??ٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ م??عقد ٿيو جنهن جي صدارت ڪم??ٽي جي چيئرمين قيصر احمد شيخ ڪئي. ڪم??ٽي کي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پاڪستان ۽ سوئٽزر لينڊ جي ٽيڪس معاهدي جي باري ۾ بريفنگ ڏني جيڪا معلومات جي مٽاسٽا ۽ بينڪنگ جي شعبي جي حوالي سان آهي. هن چيو ته ان حوالي سان ڳالهيون جاري آهن ۽ جلد ئي پاڪستان او اي سي ڊي معاهدي جو حصو بڻجي ويندو جيڪو هڪ مثبت قدم هوندو. هن وڌيڪ خاطري ڪرائي ته ڪم??ٽي جي بجيٽ سفارشن تي ترجيحي طور تي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ غور ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ