اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هندستان جي قدمن خلاف سلامتي ڪائونسل وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هندستان سڄي دنيا جو ڌيان ڪشمير تان هٽائڻ لاءِ ”پلواما ٽو“ طرز جو نئون ڊرام?? رچائي سگهي ٿو، هندستان شمله معاهدي جي ??وح تي حملو ڪيو آهي جنهن ۾ ڪشمير مسئلي کي متازعه تسليم ڪيو ويو هو، هاڻي سڀني قانوني رُخن جو جائزو وٺنداسين، فيصلو ڪيو ويو آهي ته سمجهوتا ايڪسپريس پ?? نه هلندي، صورتحال تي چين سان مشاورت ضروري آهي، ان سلسلي ۾ جلد بيجنگ ويندس. جواهر ??ال نهرو پڻ چيو هو ته ڪشمير جو فيصلو ڪشميري عوام ڪندي، قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن سان افغان واپار متاثر نه ٿيندو، ڀارت سڄي والاريل ڪشمير کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت ڪيستائين 40 لک ڪشميرين کي قيد رکندو. پرڏيهي وزارت ۾ والاريل ڪشمير جي ??ورتحال جي ??والي سان پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي يورپي يونين جي ??عليٰ نمائندن سان پرڏيهي معاملن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
ڀارت جي قدمن خلاف سلامتي ڪائونسل وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ