اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا کي شگر انڪوائري رپورٽ جي سفارشن جي روشني ۾ مستقبل جي حڪمت عملي ۽ لاڳاپيل ادارن ??ار??ن وڌيڪ ڪارروائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئ??. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ??ار??ن شگر انڪوائري جو مق??د انهن سببن ۽ حقيقتن کي سامهون آڻڻ هو جن جي ڪري کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو ۽ عوام تي غيرضروري بار وڌو ويو. هن چيو ته انڪوائري جي نتيجي ۾ سامهون ايندڙ سمورين حقيقتن جي روشني ۾ نظام ۾ موجود ڪوتاهين جي درس??گي ۽ سڌارن جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ سامهون ايندڙ حقيقتن جو جائزو وٺڻ لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا مختلف رخن کان رپورٽ جو جائزو وٺندي ۽ موجوده نظام بشمول ريگيوليٽرز جي موثر ڪردار جي حوالي سان ٺوس سڌارن جي لاءِ سفارشون جوڙيندي. وزيراعظم چيو ته انهن قدمن جو مق??د ان ڳالهه کي يقيني ??ڻا??ڻ آهي ته مستقبل ۾ عوام کي استحصال ۽ غيرضروري قيمتن ۾ اضافي جي بار کان محفوظ رکي سگهجي. ڪابينا کي صوبن ??ار??ن ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي ۽ مستقبل ۾ طلب ۽ پهچ جي ڪاٿن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئ??.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa