اٽڪ – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻا وزيراعظم ۽ وزير ٻاهرين ملڪ جائيدادون ٺاهيندا رهيا، قوم کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي پاڻ ٻاهر وڃي ويهي رهيا ۽ شاهاڻي زندگي گهاري رهيا آهن، جنهن جي والد جي سائيڪل جو دڪان هو اڄ رولز رائس گاڏين جا ??الڪ آهن، سينيٽ اليڪشن ۾ تماشو ٿي رهيو آهي، ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ منڊي ??ڳل آهي، قيمتون لڳي رهيون آهن، مخالف ڌر جلسن سان اسان کي نٿي ڪيرائي سگهي، هاڻي ماڻهن کي خريد ڪري پنهنجا ??ڌيڪ سينيٽرز چونڊرائڻ چاهين ٿا اها ڪهڙي جمهوريت آهي، ماضي ۾ ملڪ ۾ ٻيلن کي بي دردي سان ختم ڪيو ويو، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ بلين ٽري سونامي منصوبي کي ڪامياب بڻائڻو پوندو، خيبرپختونخوا وانگر پنجاب ۾ به هلندڙ سال جي آخر تائين سمورن شهرين کي هليٿ انشورنس جي سهولت ملي ويندي، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي لاءِ ڪامره ۾ ٽيڪنالاجي زون ٺاهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار غازي بروٿا ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بدقمستي سان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن،گرين هائوسز گئسن جي اخراج سان دنيا ۾ سراسر گرمي پد وڌي رهيو آهي ان لاءِ اسان کي هر اهو قدم کڻڻ گهرجي جنهن سان سراسري گرمي پد ۾ ٿيندڙ ان اضافي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ۽ ان مقصد لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي ضرو??ت آهي، وڻ لڳائڻ اسان جي مستقبل لاءِ تمام ضروري آهن. هتي 10 لک وڻ لڳايا پيا وڃن پر انهن جي حفاظت جي ذميداري نوجوانن تي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان نوجوانن کي راندين جا ??يدان به ٺاهي ڏينداسين. نوجوانن لاءِ راندين جي ميدانن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وڻ اسان جي مستقبل ۽ راندين جا ??يدان نوجوانن جي صحت لاءِ ضروري آهن.
اڳوڻا حڪمران قوم کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ٻاهر شاهاڻي زندگي گهاري رهيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا