اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت واڌويجهه جي شرح ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ سان معاشي عمل ۾ تيزي ايندي، اڳوڻين حڪومتن پاران کنيل قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ کي انهي صورت ۾ ڪڍي سگهجي ٿو جڏهن ملڪي پيداوار ۾ اضافو ٿئي. هن اهڙن خيالن جو اظهار معاشي استحڪام ۽ ترقي جي حو??لي سان ترجيحي شعبن جي فروغ ۾ اڳڀرائي جي حو??لي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. وزيراعظم کي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن لاءِ سهولتن جي فراهمي جي حو??لي سان هن وقت تائين جي اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي صنع??ن کي ضمانت جي فراهمي (ڪوليٽرل) کانسواءِ بئنڪن پاران ڪاروبار جي لاءِ قرضن جي فراهمي جو انتظام ڪيو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ضمانت کانسواءِ قرضن جي فراهمي (ڪوليٽرل في لينڊنگ) سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ ۾ چڱي خاصي مدد ملندي، ان حو??لي سان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته پهريون ڀيرو حڪومت اسٽيٽ بئنڪ ۽ بئنڪن ۾ موثر پارٽنرشپ جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ان اسڪيم تحت اسٽيٽ بئنڪ پاران تقريبن 50 سيڪڙو رسڪ لاس گارنٽ (نقصان جي رسڪ جي حو??لي سان گارنٽي) فراهم ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته بئنڪن پاران ان حو??لي سان نهايت جوش ۽ جذبي ۽ دلچسپي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم ا??س کي خصوصي طور تي قرضن جي فراهمي جي حو??لي سان مخصوص ڪيل بئنڪن ۾ اضافي صلاحيت پ??دا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ پاران ايس ايم ا??س کي قرضن جي فراهمي جي حو??لي سان بئنڪن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي.
حڪومت واڌويجهه جي شرح ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا