اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي چيو آهي ته هو 27 مارچ تي اهو پيغام ڏيڻ نڪري ته هو برائي سان گڏ نه ??هي?? ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن جي جرئت نه ٿي سگهي ته هو هارس ٽريڊنگ ڪري جمهوريت ۽ قوم کي نقصان پهچائي، ملڪ ۾ 30 سالن کان لُٽ مار ڪندڙ ڌاڙيلن جو ٽولو گڏجي کلي عام پارليامينٽرين جا ضمير خريد ڪري رهيو آهي. جاري ڪيل قوم جي نالي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته امربالمعروف و نهي عن المنڪر جو حڪم الله قرار ڏنو ??هي?? الله تعاليٰ مسلمانن کي حڪم ڏي ٿو ته توهان چڱائي جو ساٿ ڏيو ۽ برائي ۽ بدي جي خلاف اٿي بيهڻو ??هي?? ان سان معاشرو زنده ٿئي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڌاڙيلن جو ٽولو جيڪو 30 سالن کان لُٽي رهيو ??هي?? ڪرپشن ڪري پئسو ٻاهر موڪلي رهيو آهي هاڻي انهن گڏجي پارليامينٽرين جي ضمير جون ??يمتون ??ڳايون آهن، انهن کي کلي عام خريد ڪري رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته آئون اهو چاهيان ٿو ته سڄي قوم 27 مارچ تي مون سان گڏ صرف هڪ پيغام ڏيڻ لاءِ نڪري ته اسان بدي سان گڏ نه آهيون ??ر اسان بدي جي خلاف آهيون، اسان هن ملڪ جي جمهوريت ۽ قوم جي خلاف ٿيندڙ ان ڏوهه جي خلاف آهيون، وزيراعظم چيو ته اهي ماڻهو چوري جي پئسي مان عوامي نمائندن جا ضمير خريد ڪري رهيا آهن، قوم ان جي خلاف بيٺل ??هي?? وزيراعظم چيو ته آئون چاهيان ٿو ته قوم 27 مارچ تي مون سان گ?? نڪري ۽ سڄي پاڪستان کي خبر هجڻ گهرجي ته اڳتي ڪنهن جي جرئت نه ٿيڻ گهرجي ته اهڙي طرح جي هارس ٽريڊنگ ڪري ملڪ جي جمهوريت ۽ قوم کي نقصان پهچائي.
قوم 27 مارچ تي برائي خلاف ٻاهر نڪري: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز