اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف راول چوڪ فلائي اوور منصوبو پهرين سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ ۽ منصوبي ۾ د??ر جو ??بب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جو دورو ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي منصوبي تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف ترقيايت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انهن کي وقت سر ۽ جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هداي ڪئي. هن چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ د??ر جو ??بب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته قومي وسيلن جي زيان ۽ ترقياتي منصوبن ۾ دير کي برداشت نه ڪيو ويندو. پراجيڪٽ انتظاميا پاران بريفنگ ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته راول چوڪ فلائي اوور منصوبي ۾ بنا ??بب جي دير ڪئي وئي ته جيئن ان جي لاڳت کي وڌائي س??هجي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر ۾ ٻين منصوبن جا ٺيڪا ايف ڊبليو او ۽ اين ايل سي کي ڏنا ويا آهن ته جيئن انهن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي س??هجي. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان جڏهن به اسلام آباد آيس ته ترقياتي منصوبن جي سستي کي ڏسي افسوس ٿيو. ان حوالي سان لاڳاپي?? عملدارن کي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته غريب قوم جي پئسي جي زيان کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ذميواري جي احساس کي يقيني بڻايو وڃي، ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻائي منصوبن جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي هدايت ڪندي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان جي انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن د??ر جا ??بب معلوم ڪري س??هجن ۽ ذميوارن کي سزا ڏئي س??هجي. وزيراعظم منصوبي جي دير تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ ننڍو منصوبو به ٻن سالن ۾ مڪمل نه ٿي س??هيو جڏهن ان عرصي ۾ ته ميگا پراجيڪٽ مڪمل ٿي س??هي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف منصوبي جي لينڊ اسڪيپنگ بابت پڻ پڇيو ۽ چيو ته ان جي لينڊ اسڪيپنگ کي به يقيني بڻايو وڃي. هن منصوبي کي پهرين سيپٽمبر 2022ع تائين ل??زم?? مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته منصوبي جي ڪوالٽي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. واضح رهي ته راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جي شروعات آڪٽوبر 2020ع تيي ٿي هئي ۽ ان کي ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. منصوبي جي د??ر جي سببن کي ختم ڪندي ان کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف ترقياتي منصوبن جي دير کي برداشت ناهي ڪندو ۽ اهو ئي ??بب آهي جو هن منصوبي جي دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. منصوبي تي 48 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي.
وزيراعظم پاران راول چوڪ فلائي اوور منصوبو پهرين سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ ۽ منصوبي ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔