ڪراچي- 09 جون ( اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين 49 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. عامر لياقت حسين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ نجي اسپتال منتقل ڪي?? ويو جتي معائني کان پوءَ ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرن جو چ??ڻ آهي ته عامر لياقت کي جڏهن اسپتال آند?? ويو ته هو فوت ٿي چڪو هو موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي لاءِ فوتي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪي?? ويندو. ان سلسلي ۾ عامر لياقت جي ڊرائيور جو چ??ڻ آهي ته هو پنهنجي اباڻي گهر خداداد ڪالوني ۾ هو ان جي ڪمري جو در??از?? کڙڪايو پر ڪو به جواب نه مليو جنهن بعد در??از?? کولي اندر داخل ٿياسين ته هو بيهوشي جي حالت ۾ بستري تي پيو هو جنهن بعد فورن کيس اسپتال منتقل ڪي?? ويو ، عامر لياقت جي ملازم جاويد جو چ??ڻ آهي ته گذريل رات عامر لياقت سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي اسان کيس اسپتال هلڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ صبح جو سندس ڪمري مان رڙ جو آواز به آيو هو. ڊاڪٽر عامر لياقت جي موت جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ايسٽ رحيم شيرازي عامر لياقت جي گهر پهچي گهر جو معائنو ڪيو جڏهن ته فرانزڪ عملي سميت ٻين تحقيقاتي ادارن به گهر جو معائنو ڪيو آهي. پوليس جو چ??ڻ آهي ته پوسٽ مارٽم ??پورٽ اچڻ کان پوءِ معاملو ڪليئر ٿي ويندو ۽ موت جو ڪارڻ سامهون اچي ويندو.
قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا