لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرو??ز الاهي جي ??دارت ۾ وزيراعليٰ آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پنجاب ۾ خصوصي ماڻهن جي ??جسٽريشن جي لاءِ نادرا سان حصيداري جو فيصلو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??کي?? کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ماڻهن جي ??حيح ڊيٽا جمع ڪرڻ ضروري آهي، صحيح ڊيٽا هوندي ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي ڪمن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عام اسڪولن ۾ به خصوصي ماڻهن جي ??ربيت جي ??والي سان جدا ٽيچرز مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خصوصي ٻار خصوصي صلاحيتون رکندڙ هوندا آهن ۽ تربيت سان انهن جون صلاحيتون نکري سگهن ٿيون. هن چيو ته بازارن ۽ مارڪيٽنگ ۾ ريمپس ٺاهي خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولت فراهم ڪري سگهجي ٿي. نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد سان خصوصي ماڻهن کي تمام گهڻو ريليف ملندو. خصوصي ماڻهن ڪيترن ئي ميدانن ۾ پنهنجي ??لاحيتن ذريعي نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته وڏي وزير چوڌري پرو??ز الاهي جي قيادت ۾ پنجاب حڪومت جي ??صوصي ماڻهن جي لاءِ موثر قدم ساراهه جوڳا آهن. چوڌري پرو??ز الاهي چيو ته 2003ع ۾ مون خصوصي ماڻهن جي لاءِ جدا کاتو ٺاهيو آهي. پنجاب ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ 170 ادارا قائم ڪيا ۽ خصوصي ٻارن جي لاءِ فري ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي. پنجاب حڪومت خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، پنجاب جي ??مورن ادارن ۾ ??کي?? کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ملازمن جي لاءِ ڪنوينس الائونس وڌايو آهي. پنجاب حڪومت نئين بسلن ۾ به خصوصي ماڻهن جي لاءِ جدا سيٽون مخصوص ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي خصوصي ماڻهن جي ??حالي، تربيت، رجسٽريشن ۽ سهولتن جي فراهمي جي ??والي سان بريفنگ ڏني. سوشل ويلفيئر واري صوبائي وزير غضنفر عباس ڇينا، اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي، ايم اين اي حسين الاهي، چيف سيڪريٽري عبيدالله سنبل، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري علي محمد خان ڀٽي، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، سيڪريٽري اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن ۽ لاڳاپيل عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي صدارت ۾ وزيراعليٰ آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ