اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ا??ر آمريڪا ?? يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين تي لاڳاپيل ادارن ۽ نجي شعبي سان ٽيڪنالاجي، مهارت ۽ فڪري سرمائي جي منتقلي جي لاءِ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت سان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ذڪر جوڳي تبديلي اچي سگهي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ??هڙ?? خيالن جو اظهار پاڪستان ڊيسنٽ فزيشن سوسائٽي جي صدر ڊاڪٽر آصف سيد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ا??ر آمريڪا ?? يورپ ۾ اعليٰ تعليمي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ادارن جي وچ ۾ ڄاڻ جي منتقلي جي لاءِ پاڪستاني ادارن سان رابطو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ ڪورونا ۽ تازي ٻوڏ دوران پاڪستاني ڊيسنٽ فزيشنز سوسائٽي جي فلاحي سرگرمين کي ساراهيو. صدر چيو ته حڪومت سان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ذڪر جوڳي تبديلي اچي سگهي ٿي. هن چيو ته سوسائٽي پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ فني ترقي آڻڻ ۾ فعال ڪردا ادا ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽر آصف سيد سوسائٽي جي ڪردار ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن بابت صدر کي بريفنگ ڏني.
اتر آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاڳاپيل ادارن ۽ نجي شعبي سان ٽيڪنالاجي، مهارت ۽ فڪري سرمائي جي منتقلي جي لاءِ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری