اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان شام ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن ت?? گهري افسوس جو اظهار ڪندي ڀائر ملڪ کي هر ممڪن امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام شام ۾ ايندڙ هڪ ٻئي پٺيان ٻن زلزلن جي ڪري وڏي پئماني تي تباهي تي انتهائي ڏک ۽ صدمي ۾ آهي. ترجمان چيو ته اسان سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمين ج?? جلد صحتيابي جي دعا ڪريون ٿا. پاڪستا?? ڏک جي ??ن گهڙيءَ ۾ پنهنجي شامي ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ امدادي سرگرمين ۾ هر ممڪن تعاون جي لاءِ تيار آهي.
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina