اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب ناليواري شاعر، اديب، ڊراما نگار امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عوام جي حقن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ هڪ وڏو انسان اڄ دنيا مان رخصت ٿي ويو. پنهنجي بيان ۾ و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو ت?? امجد اسلام امجد پنهنجي زندگي جا 50 سال اردو ??دب کي ڏئي اسان جي لاءِ قيمتي سرمايو ڇڏي ويو آهي. ”وه نصيب ڪي بارشين ڪسي اور ڇت پي برس گئين“ هڪ نسل کي ياد ??هي. هن چيو ت?? 1980ع ۾ ان جو مشهور ڊرامو وارث اڄ به هڪ شاهڪار مڃيو وڃي ٿو. ادب جي دنيا ۾ امجد اسلام امجد جو نالو سدائين زندهه رهندو. الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج