اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي تقريبن جي موقعي تي يا??گاري ڊاڪ ٽڪيٽ ۽ سووينئر جاري ڪيو آهي. 20 روپيه ماليت جو يا??گاري ڊاڪ ٽڪيٽ 56 ملي ميٽر سائيز جو آهي ۽ 15 مارچ کان ملڪ جي سڀني اهم پوسٽ آفيسن ۾ وڪري لاءِ دستاب هوندو. ڊاڪ ٽڪيٽ سان 50 س??وينئر شيٽ به جاري ڪيو آهي. پاڪستان پوسٽ اهم قومي موقعن تي يا??گاري ٽڪيٽ جاري ڪندو آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني مينيجر فليٽلڪ بيورو ڪراچي جي پي ??و، يا مينيجر نيشنل فليٽلڪ بيورو، اسلام آباد جي پي ??و مان ڊاڪ ٽڪيٽن لاءِ رابطو ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته درخواست سان بينڪ ڊرافٽ يا ڪراسڊ چيڪ هئڻ گهرجي. پاڪستان پوسٽ اهم قومي ۽ عالمي موقعن تي مختلف يا??گاري ڊاڪ ٽڪيٽ جاري ڪندو آهي جنهن ۾ عظيم شخصيتن ۽ ان??ن جي ڪاميابين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي. ان تاريخي موقعي کي يا??گار بنائڻ لاءِ سينيٽ آف پاڪستان به 15 کان 17 مارچ 2023ع تائين پارليامنٽ هائوس ۾ هڪ تاريخي ٽن ڏينهن وارو اجلاس گهرايو، جيڪو واقعي هڪ يا??گار سفر جي عڪاسي ڪري ٿو جن??ن جي شروعات سينيٽ ڪيترائي سال اڳ ڪئي هئي. 1973ع جو سال پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ 1973ع جي آئين جي شڪل ۾ هڪ آئيني دور جي نشاندهي لاءِ نمايان رهندو. پاڪستان سينيٽ جي گولڊن جوبلي هڪ متحد، هم آهنگ ۽ سٺي طرح سان مربوط فيڊريشن جي طور تي 5 ڏهاڪن تي ٻڌل اسان جي قومي جدوجهد ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي.
پاڪستان پوسٽ سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي يادگاري ڊاڪ ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن