اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن ??ي فهرستن جي سالياني مٽاسٽا ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن تي حملن جي منع جو معاهدو ٻين ڳالهين سان گڏ اهو فراهم ڪري ٿو ته ٻئي ملڪ هر ڪئلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن با??ت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان موجب ا?? معاهدي ??ي 31 ڊسمبر 1988ع تي صحيحون ڪيون ويون ۽ اهو معاهدو 27 جنوري 1991ع تي لاڳو ٿيو. معاهدي ??ي آرٽيڪل II موجب پاڪستان ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن ??ي فهرست ب??ضا??طا طور سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي ??ي حوالي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن ??ي فهرست پڻ نئين دهلي ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن جي نمائندي ??ي حوالي ڪئي. معاهدي ??حت ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.
پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرستن جي سالياني مٽاسٽا ٿي
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر