اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي ٽي آء?? جي اڳوڻي چيئرمين اعتراف ڪيو آهي ته ”دي اڪانومسٽ“ ۾ شايع ٿيندڙ مضمون هن ناهي لکيو، اهو مضمون مصنوعي ذهانت (اي آئي) سان تيار ڪيو ويو هو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي و??ير چيو ته موجوده پي ٽي آء?? چيئرمين ان مضمون جي رياست مخالف ۽ آمريڪا مخالف مواد جي توثيق ناهي ڪئي، سمنڊ پار پي ٽي آء?? ڪجهه اڌاکري اينڪرز ۽ دي اڪانومسٽ (اي آئي) جي هڪ فريب ڪاري تي دُهل وڄائي رهيا آهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي و??ير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل خبر جو لنڪ به شيئر ڪيو ج??هن ۾ پي ٽي آء?? جي اڳوڻي چيئرمين کان سومر ڏينهن اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۽ توشه خانه ر??فر??س جي جيل اندر ڪارروائي جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافين ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو ويو آهي. خبر موجب پي ٽي آء?? جي اڳوڻي چيئرمين صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران انڪشاف ڪيو ته سندس نالي سان منسوب دي اڪانومسٽ ۾ شايع ٿيندڙ آرٽيڪل اصل ۾ مصنوعي ذهانت آئي اي سان تيار ڪيل آهي.
پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين اعتراف ڪيو آهي ته دي اڪانومسٽ ۾ شايع ٿيندڙ مضمون هن ناهي لکيو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن