اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي ??اء?? ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ چيني ڪمپني ايم سي سي ٽونگسن ريسورسز پاڪستان ۾ مع??نيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي ڪمپني ايم سي سي ٽونگسن ريسورسز جي وفد چيئرمين وانگ جائي چينگ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چيني ڪمپني پاڪستان ۾ مع??نيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو، جيڪو وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر آهي. ڪمپني پاڪستان ۾ منرل پارڪ ٺاهڻ جي حوالي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري جي منصوبي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيني ڪمپني جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي اضافي جي ??اء?? ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست ۽ ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. چين پاڪستان جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي جنهن تي مون سميت پوري قوم چيني قيادت ۽ چيني عوام جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيني ڪمپني کي پاڪستان ۾ مع??نيات جي شعبي ۾ کاڻين جي کوٽائي کان وٺي برآمدي شين جي تياري جي ??اء?? سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏ??ي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي برآمدات ۾ اضافي جي ??اء?? مع??نيات ڪڍڻ، ان جي پراسيسنگ ۽ ان جي مصنوعات کي برآمد ڪرڻ جي ??اء?? سيڙپڪاري کي مڪمل سهولت ڏ??ي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل وفاقي وزيرن ۽ آفيسرن کي چيني ڪمپني سان مشاورت جي هدايت ڪئي. وزيراعظم مشاورتي عمل ۾ بلوچستان جي وڏي وزير ۽ صوبي جي لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين کي شامل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
حڪومت ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا