اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان سدائين تاريخ جي صحيح رخ تي بيهڻ جي رستي جي چونڊ ڪندي ”و?? چائنا“ جي اصول جي پاسداري ڪري ٿو. چي?? ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 73 هين سالگرهه جي موقعي تي شايع ٿيل چي??ي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر چي?? ته پاڪستاني عوام چي?? سان غيرمشروط محبت ڪري ٿي. واضح رهي ته مارچ ۾ ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ کانپوءِ ڪنهن به غيرملڪي ميڊيا سان صدر زرداري جي اها پهرين ڳالهه ٻولهه هئي. ٻنهي ملڪن جي اڳوڻي اڳواڻن جي وچ ۾ ويجهي رابطي ??ي ياد ڪندي صدر آصف علي زرداري چي?? ته منهنجي مرحوم سُهري پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي چي?? هو ته ??وڀر طرف ڏسو، چي?? طرف ڏسو. صدر آصف علي زرداري جنهن پاڪستاني صدر جي طور تي پنهنجي پهرين مدي دوران 9 ڀيرا چي?? جو دورو ڪيو هو، هن ”تائيوان جي آزادي“ جي ڪنهن به شڪل کي رد ڪندي ون چائنا اصول تي سختي سان ڪاربند رهڻ جي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن چي?? ته ??ائيوان چي?? جو حصو آهي. ان کانسواءِ ڪو رستو نه آهي. هن وڌيڪ چي?? ته پاڪستان سدائين چي?? سان گڏ بيٺل رهندو ۽ چي?? جي بنيادي مفادن جو تحفظ ڪندو. چي?? پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي شروعات، گوادر پورٽ جي ترقي تي تبصرو ڪندي آصف علي زرداري چي?? ته 11 سال اڳ سي پيڪ جي شروعات کانپوءِ گوادر پورٽ تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي، اها بندرگاهه سڄي دنيا مان سيڙپڪارن کي سدائين ڀليڪار چو??دي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر آصف علي زرداري چي?? ته پاڪستان وڌيڪ اسڪولن جي ان ڳالهه تي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي ته هو چي??ي زبان کي پنهنجي لازمي نصاب ۾ شامل ڪن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماڻهن جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ پاليسين تي زور ڏنو. چي??ي عوام جي ڪاميابين کي ساراهيندي آصف علي زرداري چي?? ته پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ چي?? جي ڪاميابي جو هڪ اهم سبب آهي ۽ پاڪستان چي?? جي ترقي جي عمل ۾ وڌيڪ شامل ٿيڻ جي اميد ڪري ٿو.
پاڪستان سدائين تاريخ جي صحيح رخ تي بيهڻ جي رستي جي چونڊ ڪندي ”ون چائنا“ جي اصول جي پاسداري ڪري ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ